دلہن بنی ہے رات تنھنجو کلي ڀاڪر پائي موڪلائيـڻ منھنجو منتون ڪري توکي روڪڻ ڇا توکي ياد آھي ڇا تو ڪڏھن اھو سوچيو آ ت انھي ڀاڪر جي ڪھڙي اھميت آ مون وٽ جڏھن انھي ڀاڪر کي ياد ٿو ڪيان منھنجو جسم ڪانڊارجي ونڃي ٿو ڄڻ تنھنجي ڀاڪر ۾ ڪو نشو ھو جيڪو وري منھـنجو ضرورت آ انھي رات تنھنجي ڀاڪر جي احساس ۾ منھنجو حواس ونڃائجي ونڃڻ ۽ دنيا جو خوشنصيب شخص پاڻ کي تصور ڪرڻ پر ڇا خبر ھئي پنھنجي خوشبو جو عادي ڪري پنھنجي پاڻ کي آخري ڀيرو منھنجي ٻانھن ۾ ڏيڻ منھنجو کلندي جھومندي پنھنجي منزل ت پڄڻ پھچندي تنھـنجو آخري ميسج پڙھڻ ۽ اوڇڪارو ڏئي منھنجو روئڻ سج اڀرڻ تائيـڻ پاڻ کي تڪليفون ڏيڻ مونکان نٿو وسري پرين مونکي سڀ ياد آ پريـن تنھـنجو بي رکي سان ڳالھائڻ ۽ خاموشي ذريعي پنھنجي ڪاوڙ لڪائڻ ھيٺين چپ کي چڪ ھڻي مون ڏي تڪڻ ڏس پرين مان ناھيان بدليو سڀ ياد آ مونکي سڀ ياد آ بس تون بدلجي وئيـن تنھنجو پيار تنھنجو رويو سڀ بدلجي ويا سڀ پر تو ايترو بيرحم ٿيـندي ايڏا ڏک ڏيندي ايئن مونکي ڇني ڌار ڪندي ايترا ڏک ڏيڻ کان پو ب اڄ ب تون ياد آئين تنھنجا ستم ياد آيا تنھنجا پيار ياد آيا تنھنجا ڀانڪر ياد آيا شاعر = مير ارشد جمالي My poetre