Nojoto: Largest Storytelling Platform

{{#مطالعو}} مطالعو ( اڀياس) انسان لاء اخلاق جو م

{{#مطالعو}} 

مطالعو ( اڀياس) انسان لاء اخلاق جو معيار آهي(ڊاڪٽر علامه اقبال) 

بري صحبت کان اڪيلائي سٺي آهي، پر اڪيلائي ۾ پريشان ٿيڻ جو کٽڪو رهي ٿو، تنهن ڪري سٺا ڪتاب مطالعو ڪرڻ جي ضرورت آهي. (امام غزالي) 

تيل لاء پيسه نه هجڻ ڪري آئون رات جو چوڪيدار جي فانوس اڳيان ٻيهي مطالعو ڪندو هئس. (ابو نصر فارابي) 

ورزش سان جسم طاقتور ٿئي ٿو ۽ مطالعو دماغ لاء اها ئي اهميت رکي ٿو جيڪو ورزش جو جسم لاء (ايڊيسن) 

مطالعي سان انسان جي تڪميل ٿئي ٿي. (بيڪن) 

مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته ڄڻ دنيا جهان جي ڏکن کان بچڻ لاء هڪ محفوظ پناه گاه تيار ڪري ورتي هجي. (سر سٽ ماهم) 

ٽي ڏينهن بغير مطالعو گزارڻ کان پوء چيئن ڏينهن گفتگو ۾ ڦڪائي اچي ويندي آهي. (چيني ضرب المثل) 
 
انسان قدرتي منظر ۽ ڪتاب جي مطالعي کان گهڻو ڪجه پرائي سگهي ٿو. (سسرو) 

مطالعي جي بدولت هڪ پاسي اوهان کي معلومات م اضافو ٿئي ٿو، ٻئي پاسي اوهان جي شخصيت سهڻي ٿي  پوي ٿي. (وائٽي) 

دماغ لاء مطالعي جي اهائي اهميت آهي جيڪا ڪنول لاء پاڻي جي . (تلسي داس) 

مطالعو ڪنهن سان اختلاف ڪرڻ يا فصيح زبان ۾ گفتگو ڪرڻ جي غرض سان نه ڪريو بلڪه "ناپ ڪرڻ" ۽ "سوچڻ" جي خاطر ڪريو. (بيڪن) 

جيئن ڪئي قسم جا ٻڄ پوکڻ زمين زرخير بڻائي ٿو ائين مختلف ڪتاب ۽ رسالا وغيره جو مطالعو انسان جي دماغ  روشن ڪري ٿو. (ملٽن) 
 
جيڪو نوجوان ايمانداري سان ڪجه مطالعي ۾ وقت لڳائي ٿو، کيس پنهنجي نتيجي بابت بلڪل بي فڪر رهڻ گهرجي. (وليم جيمز) 

مطالعي سان اڪيلائي ۾ خوشي، تقرير ۾ سجاوٽ، ترتيب ۽ تدوين ۾ استعداد ۽ تجربي ۾ وسعت پيدا ٿئي ٿي. (بيڪن) 

اهو شخص نهايت ئي خوشنصيب آهي جيڪو مطالعو جو شوق رکي ٿو، پر جيڪو فحش ڪتاب مطالعو ڪري ٿو هن کان بهتر اهو شخص آهي جيڪو ڪتاب مطالعو نٿو ڪري. (ميڪالي) 
 
مطالعو ذهن جي اوسر ۽ ترقي لاء ضروري آهي. (شيلي) 

اڪثر ڏٺو ويو آهي ڪتاب جو مطالعو انسان جو مستقبل سناوريو ڇڏيو آهي.