Nojoto: Largest Storytelling Platform

اَچو روضي ڌڻيءَ جو ميلو ملهايون، نچون ائين گايون،

اَچو روضي ڌڻيءَ جو ميلو ملهايون،
نچون ائين گايون، جمريون پايون.

مريدن مان مهندي چادر ايندي،
سنگت ساري خوشي مان کڻندي،
گلن جي شهر ۾ ورکا ٿيندي،
هر سال وانگر ايها رسم نڀايون.

پري پري جا سڀ پنڌيڙا ايندا،
مُرشد جي ميلي ۾ شامل ٿيندا،
جھلي جهوليون پنهنجي هادي اڳيان،
حقيقت ائين حق جا طالب سڏايون.

روضي ڌڻي اهڙو رنگ آ رچايو،
صوفي سالڪ ٿي مرد ملهايو،
علي احمد آقا آهي عشقِ امام،
ساڳيون آهين بابا جَکِري جون جايون.

مُرشد ڌڻي تون ڪريم آهين
مسڪينن مارون جون آسون پڄائين
عبدالله ثانيکي ڏئي عشقِ اِلاهِي
ڀلي جون ڏس ڪيڏيون آهن ڀلايون

صفی عبداللہ صوفی (عشق بیدار)

©Sufi Abrar Rafi Urs Pak Kalam Of Dargah Missan Shareef Thatta Sindh
اَچو روضي ڌڻيءَ جو ميلو ملهايون،
نچون ائين گايون، جمريون پايون.

مريدن مان مهندي چادر ايندي،
سنگت ساري خوشي مان کڻندي،
گلن جي شهر ۾ ورکا ٿيندي،
هر سال وانگر ايها رسم نڀايون.

پري پري جا سڀ پنڌيڙا ايندا،
مُرشد جي ميلي ۾ شامل ٿيندا،
جھلي جهوليون پنهنجي هادي اڳيان،
حقيقت ائين حق جا طالب سڏايون.

روضي ڌڻي اهڙو رنگ آ رچايو،
صوفي سالڪ ٿي مرد ملهايو،
علي احمد آقا آهي عشقِ امام،
ساڳيون آهين بابا جَکِري جون جايون.

مُرشد ڌڻي تون ڪريم آهين
مسڪينن مارون جون آسون پڄائين
عبدالله ثانيکي ڏئي عشقِ اِلاهِي
ڀلي جون ڏس ڪيڏيون آهن ڀلايون

صفی عبداللہ صوفی (عشق بیدار)

©Sufi Abrar Rafi Urs Pak Kalam Of Dargah Missan Shareef Thatta Sindh